زنگي گل

زنگي گل

زنگي گل

زنگي گل (Nerium): هن گل جو مڪمل نباتاتي نالو Nerium Oleander آهي. هيءُ هڪ سدا بهار ٻوٽو ۽ ننڍڙو وڻ آهي، جنهن جو تعلق ٻوٽن جي Apocynaceae خاندان سان آهي. هن ٻوٽي جي هر حصي ۾ زهر موجود هوندو آهي. هن ٻوٽي جي پوک وسيع پيماني تي ٿيڻ سبب ڪنهن به مخصوص خطي جي نشاندهي ناهي ٿي سگهي، جنهن لاءِ چئي سگهجي ته هي ٻوٽو ابتدائي طور ڪنهن خاص خطي يا ملڪ ۾ پوکيو ويو هجي. تنهن هوندي به ڪجهه سائنسي ماهرن جو چوڻ آهي ته هن ٻوٽي جي شروعاتي پوک ڏکڻ، اولهه ايشيا ۾ ڪئي وئي. زنگي گل عام طور باغن ۾ پوکجندڙ تمام زهريلي ٻوٽي طور سڃاتو ويندو آهي. هي ٻوٽو قد ۾ 2 کان 6 ميٽر (6.6-20 فٽ) تائين ڊگهو، اڀي ٿڙ سان ٻاهرئين طرف ڦهليل ٿئي ٿو. پوک جي پهرئين سال ٿڙ سائي رنگ جو جڏهن ته پختي/رسيل ٻوٽي جو ٿڙ سخت ۽ ڀوري رنگ جي ڇوڏي سان هوندو آهي.
هن ٻوٽي جا پن گهري سائي رنگ جا گهاٽا، چمڪيدار ۽ ننڍي نوڪدار شڪل ۾ ٿين ٿا، ٻه يا ٻن کان وڌيڪ پن ملي ڪري گول چڪري جو ڏيک ڏين ٿا. هر هڪ پن اندازً 5 کان 21 سينٽي ميٽر ڊگهو ۽ هڪ کان 3.5 سينٽي ميٽر ويڪرو ٿيندو آهي. ٻوٽي جي هر شاخ تي اڀريل جهڳٽي جي آخر ۾ اڇي، گلابي يا ڳاڙهي نيري، واڱڻائي ۽ اڇي رنگ جا گل ٿيندا آهن جن ۾ عموماً ڪا خاص سڳنڌ/خوشبو ناهي هوندي. هن ٻوٽي جو ميوو ڏوڏيءَ نما ٿيندو آهي، جيڪو پچي راس ٿيڻ کانپوءِ قدرتي طور کلندو آهي، جنهن ۾ بي شمار نرم ملائم ٻج موجود هوندا آهن.
هن ٻوٽي جي پيداوار دنيا جي مڙني گرم ۽ معتدل آبهوا وارن علائقن ۾ ٿيندي آهي خاص ڪري موريطانيه، موروڪو، پورچوگال، ڀونوچ خطي، ڏکڻ ايشيا، يونان ۽ چين جي ڏاکڻين حصن ۾ گهڻي مقدار ۾ ٿيندو آهي. صحارا ريگستان ۾ به هن ٻوٽي جي ايڪڙ ٻيڪڙ پيداوار ٿئي ٿي. مغربي ملڪن جي ڪجهه گرم علائقن ۾ جهڙوڪ: ورجينيا جي سامونڊي پٽين، ڏکڻ ڪيليفورنيا ۽ ٽيڪساس ۾ خوبصورتيءَ لاءِ هي ٻوٽو پوکيو ويندو آهي. خوبصورت ۽ منفرد رنگ جي گلن سبب هي ٻوٽو باغن جي خوبصورتي وڌائڻ خاطر پوکبو آهي ان کانسواءِ هن ٻوٽي جو دوائن جي تياريءَ ۾ پڻ ٿيندو آهي. زنگي گل کي هيروشيما شهر جي سرڪاري گل جي حيثيت حاصل آهي. سنڌ ۾ گرم آبهوا سبب هن گل جي پوک عام جام ٿئي ٿي. سنڌ، پنجاب ۽ پختونخواهه توڙي بلوچستان جي باغن ۾ هي ٻوٽو عام طور تي ملي ٿو. هي ٻوٽو طب ۾ ڪافي ڪمائتو آهي. حڪيم زنگي گل جا پن سڪائي مختلف مرضن لاءِ دوائون ٺاهيندا آهن، جڏهن ته ڇوڏي کي دکائي ان جي دونهين سان ڪوئن کي ڀڄائيندا آهن. هن جي ڪاٺي چٽي سفيد ٿيندي آهي ان لاءِ ماهر واڍا ان مان گل ٺاهي ٻئي ڪاٺ ۾ پيوند ڪندا آهن.


لفظ زنگي گلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو